ڀارتي ڪرڪيٽر شيکر ڌون پاران رٽائرمينٽ جو اعلان

دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽر شيکر ڌَون انٽرنيشنل ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شيڪر ڌون پنهنجي ريٽائرمينٽ جو اعلان سوشل ميڊيا ذريعي ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته مان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪرڪيٽ جي هن سفر کي الوداع ڪندي دل کي خوشي ٿي آهي ته مون پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏيو. ڀارتي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته اڄ مان هڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهيان جتي پوئتي ڏسڻ لاءِ صرف يادگيريون آهن ۽ اڳتي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا پئي آهي. واضح رهي ته شيڪر ڌون 34 ٽيسٽ، 167 ون ڊي ۽ 68 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي آهي. ڀارت جي 38 سالن جي اوپننگ بيٽر 2010 ۾ آستريليا خلاف ديبيو ڪيو هو ۽ آخري ميچ بنگلاديش خلاف 2022 ۾ کيڏي هئي. ياد رهي ته هللندڙ سال جون ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ بعد روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ رويندرا جديجا به رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو