ڀارتي وفد مقبوضه ڪشمير کي برفيلي (ٿڌي) جيل قرار ڏئي ڇڏيو

سري نگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي وڏي شخصيتن تي مشتمل هڪ وفد مقبوضه ڪشمير جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد وادي کي ٿڌي جيل قرار ڏنو آهي. برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ مطابق اڳوڻو وزير خارجه يشونت سنها، سينئر صحافي بهارت بهوشن ۽ ايئرفورس جي اڳوڻي وائيس ايئرمارشل ڪپل ڪاڪ سميت سول سوسائٽي جو وفد مقبضوه ڪشمير جو دورو ڪيو ۽ حالتن جو جائزو وٺڻ بعد مودي حڪومت جون حالتون معمول هجڻ وارن دعون کي رد ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي يشونت سنها چيو ته ڪشمير ۾ حالتون نارمل ناهن. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندي ئي ڏٺو ته سڀ دڪانون بند آهن ڪشميرين کي وڏين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، فون ۽ انٽرنيٽ تي به پابندي آهي، حڪومت يا جانبدار ميڊيا کان جيڪا معلومات پهچندي آهي ان ڪري اسان پاڻ کي آزادانه طور حالتن جو جائزو وٺي ملڪ کي اصل صورتحال کان آگاهه ڪنداسين. ڪپل ڪاڪ موجوده صورتحال کي (يخ بسته قيد) قرار ڏيندي چيو ته 70 لک ڪشميرين کي جيل ۾ رکڻ باوجود صورتحال کي معمول تي آڻڻ قرار ڏنو پيو وڃي حڪومت جي اعلانن بجاءِ ڪشميرين جي درد کي محسوس ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ هو گذريل 5 آگسٽ کان مبتلا آهن جڏهن ڪشمير جي خودمختياري جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو. ڀارت بهوشن چيو ته ڪشمير جون حالتون سڪون ۽ پرامن واريون ناهن جڏهن ته ميڊيا کي به ڪم ڪرڻ ۾ مداخلتون وڌيون پيون وڃن. ڪاروبار به بند آهي آخر ڪشميري به اسان وانگي شهري آهن ته پوءِ انهن سان اهڙو امتيازي سلوڪ ڇو پيو ڪيو وڃي.  

پهنجو تبصرو موڪليو