ڀارتي فوج جي فائرنگ هڪ جوان شهيد 2 شهري زخمي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ هڪ پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو، 2 عورتون زخمي ٿي پيون، ڀارتي فوج جي چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو ويو، آءِ ايس پي آر ترجمان طرفان جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فورسز جي طرفان ايل او سي جي بروهه ۽ چري ڪوٽ سيڪٽرز ۾ بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو جوان نعمت ولي شهيد ٿي ويو ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون، ڀارتي فورسز جي فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙ عورتن جو تعلق سريان ڳوٺ سان آهي. ترجمان موجب پاڪستاني فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي فوج جي پوسٽ کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ڀارتي فوجين جي جاني نقصان جا به اطلاع آهن پر تصديق ناهي ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو