راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڪشميرين جي يوم استحصال جي موقعي تي پاڪ فوج طرفان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي جارحيت علائقائي سلامتي لاءِ مسلسل خطرو آهي.ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ کي 4 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج جي پبلڪ رليشن کاتي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ کي 4 سال مڪمل ٿي ويا آهن.چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ پاڪ فوج والاريل ڪشمير جي استحصالي ڏينهن تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اعلان ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب والاريل ڪشمير ۾ فوجي لاڪ ڊائون ۽ آبادي جي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني قدم عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي.عوامي رابطن واري کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون عالمي قانونن جي واضح ڀڃڪڙي آهي. ڀارتي حڪومت جا بيان بازي ۽ دشمني وارا عمل علائقائي سلامتي لاءِ مسلسل خطرو آهن پر پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هٿياربند فوج والاريل ڪشمير جي شهيدن کي سندن عظيم قربانين تي سلام پيش ڪري ٿي.پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ انساني جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪندي.
