احمد آباد(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم بيٽسمين شبمن گل ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب شبمن گل جي ڊينگي ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي ۽ هاڻ ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ سندس شرڪت شڪي آهي.ياد رهي ته ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميچ آچر تي چنائي ۾ کيڏي ويندي.
