ڀارتي ايم پيز کان امباڻي جي بورچي جي ڊبل پگهار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ارب پتي شخص مڪيش امباڻي جي بورچي جي پگهار بابت اوهانکي حيرت ٿيندي ته هن جي پگهار ڀارتي اسمبلي ميمبر کان ٻيڻ تي مٿي آهي. مڪيش امباڻي جيڪو ڏيڍ ارب ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيل 17 منزلا گهر ۾ رهي ٿو، هو اڪثر رات جي ماني فيملي سان گڏ کائيندو آهي. هو شراب ناهي پيئندو، داليون ۽ سبزيون کائيندو آهي. سائوٿ انڊين کاڌا جهڙوڪ اڊلي، ڊوسا يعني چانورن جي چلڙي واري ماني، چانور وغيره سندس پسند جا کاڌا آهن. هو گوشت ناهي کائيندو پر انڊا کائيندو آهي. سندس زال نيتا امباڻي جو چوڻ آهي ته سندن بورچي يا شيف جي پگهار 2 لک ڀارتي روپيا آهي. ياد رهي ته تازو ڀارتي پارلياماني ميمبرن جي پگهار ۾ 66 سيڪڙو واڌ بعد سندن ماهوار پگهار 90 هزار آهي. ياد رهي ته 37 هزار ميٽر يعني 4 لک فت جي پلاٽ تي اڏيل سندس گهر ۾ 9 هاءِ اسپيڊ لفٽون لڳل آهن. گهر ۾ جم، سوئمنگ پول، لان، گارڊن، اسپا وغيره به آهن. سندس گهر ۾ 168 گاڏين جي پارڪنگ آهي. سندس گهر ۾ 600 ملازم ڪم ڪندا آهن. مڪيش امباڻي ۽ نيتا دتل کي 3 ٻار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو