ڀارت، آمريڪا کي شڪست ڏئي سپر 8 مرحلي ۾ داخل

نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ) ڀارت آمريڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل ٽيون ڀيرو ڪاميابي حاصل ڪري سپر 8 اسٽيج لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ڀارت 111 رنسن جو هدف آساني سان 19 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، سوريا ڪمار ياديو 50 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. نيويارڪ ۾ کيڏيل گروپ اي جي ميچ ۾ ڀارت جي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي آمريڪا کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
آمريڪا جي اننگز
آمريڪا طرفان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 27 رنسون ۽ ٽيلر 24 رنسون ٺاهيون، ان کان علاوه ڪوري اينڊرسن 15 ۽ هرميت سنگهه 10 رنسون ٺاهيون. ڀارت طرفان ارشديپ سنگهه شاندار بالنگ ڪئي ۽ 9 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته هاردڪ پانڊيا 2 ۽ اڪثر پٽيل هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
ڀارت جي اننگ
آمريڪا طرفان ڏنل 111 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ ڀارت جي شروعات سٺي نه رهي، ويرات ڪوهلي صفر ۽ ڪپتان روهت شرما 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. وڪيٽ ڪيپر رشاب پنت به 20 بالن تي 18 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. 3 وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ سوريا ڪمار ياديو ۽ شيوم دوبي ذميواري سان بيٽنگ ڪئي ۽ اسڪور کي اڳتي وڌايو. اهڙي ريت ڀارت 111 رنسن جو آمريڪي هدف آساني سان 19 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. سوريا ڪمار ياديو 50 ۽ شيو دوبئي 31 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. آمريڪا طرفان سورڀ نيتراوالڪر 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته علي خان هڪ وڪيٽ ورتي. آمريڪا کي شڪست ڏئي ڀارت مسلسل ٽئين فتح سان ايونٽ جي سپر 8 مرحلي ۾ پهچي ويو. ٻئي طرف آمريڪا 3 مان 2 ميچون کٽي 4 پوائنٽس سان ٽيبل تي ٻئي نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو