ٿربچايو ڪارونجھر بچايو ڪانفرنس سڀاڻي مٺي ۾ ٿيندي

حيدرآباد(اسٽاف رپوٽر)ڪارونجھر جي نيلامي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ٿربچايو ڪارونجھر بچايو ڪانفرنس اڄ مٺي ۾ ناميارو قانوندان ۽ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيندي، ڪانفرنس ۾ اديب، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل خطاب ڪندا. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ حڪومت تيل ۽ بجلي جون قيمتون وڌائي عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو آھي. عالمي منڊي ۾ تيل سستو آھي ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مھانگو ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي. آئي ايم ايف جي شرطن تي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون ويون آھن. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري ۽ غربت آھي، جنھنڪري ماڻھون پنھنجن معصوم ٻارن کي قتل ڪري پاڻ خودڪشيون ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت تي حملي آور آھي،آصف زرداري اقتدار ۽ پئسن خاطر سمنڊ، بندرگاھ، ٻيٽ، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪوئلو، ڪارونجھر سميت سنڌ جا قومي وسيلا وڪڻي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تمام گھڻي ڪرپشن آھي، ٻوڏ متاثرن جي امداد جي نالي ۾ اربين روپيا ھڙپ ڪيا ويا. بلديات، صحت، تعليم سميت ھر کاتو ڪرپشن ۾ ھڪٻئي کان اڳيان آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا جو مقابلو ڪيو ويندو. سنڌ جا ماڻھو ترقي، تبديلي ۽ خوشحالي لاءِ ڪرپٽ حڪمرانن کي اليڪشن ۾ رد ڪري ڇڏين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو