پ پ اڳواڻ تي فائرنگ معجزاڻي طور محفوظ رهيو

ڪراچي(باغي ساگر پنھوار)پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع اوڀر جي جنرل سيڪريٽري لالا عبدالرحيم جي گاڏي مٿان نامعلوم ماڻھن جي فائرنگ، لالا عبدالرحيم معجزاڻي طور محفوظ رھيو تفصيل موجب، ڪراچي جي جمالي پل سپر ھاء وي ميٽرو ھوٽل ڀرسان موٽر سائيڪل سوارن پ پ اڳواڻ لالا رحيم جي ڊبل ڊور گاڏي مٿان حملو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ لالا عبدالرحيم معجزاڻي طور محفوظ رھيو، جڏھن ته سندس ڊبل ڊور گاڏي کي ڪافي نقصان پھتو واقعي کانپوء اقبال ساند جي اڳواڻي ۾ سوين جيالا واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاء سائيڊ سپر ھاء وي ٿاڻي تي پھچي ويا، ان موقعي تي لالا عبدالرحيم چيو ته مون متان اڳ ۾ به ڪيترائي حملا ٿي چڪا آھن، سندس جو چوڻ ھو ته منھنجي ڀاء کي ڪجھ عرصو اڳ اغوا ڪيو ويو ھيو، جنھن کي سنڌ حڪومت ۽ آء جي سنڌ جي سھڪار سان بازياب ڪرايو ھو، ھن چيو ته بعد ۾ مونکي پرڏيھ مان فون تي ڌمڪيون ملنديون رھيون، مون کي پارٽي طرفان بم پروف گاڏي ڏني وئي ھئي، جنھن سبب ھو محفوظ رھيو، دھشتگردن پھرين منھجي گارڊن جي گاڏي کي اٽيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي بعد ۾ منھجي گاڏي تي حملو ڪري ڏنو، اللھ سائين زندگي بچائي، حملي آور ڪير ھئا ھن مھل مان ڪجھ به نه ٿو چئي سگھان، پ، پ ضلع اوڀر جي صدر اقبال ساند چيو ته لالا رحيم تي حملو ڪندڙ بزدل آھن، ھن چيو ته لالا رحيم کي ٻاھرين ملڪ کان ڌمڪيون ڏنيون ويون، لالا رحيم ھڪ سچو بھادر پ، پ، پارٽي جو سپاھي آھي، ھن چيو ته واقعي جي شفاف نموني جانچ ڪرائي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي، ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سرور خان غازي، غلام مصطفي چانڊيو، سلطان بليدي ۽ ٻين لالا عبدالرحيم تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي،

پهنجو تبصرو موڪليو