پڊعيدن ۾ علامه اقبال ايڪسپريس جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

پڊعيدن (ويب ڊيسڪ)پڊعيدن ويجهو علامه اقبال ايڪسپريس جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب اپ ٽريڪ بند ٿي ويو.ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٻين ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي.علامه اقبال ايڪسپريس ڪراچي کان سيالڪوٽ وڃي رهي هئي، حادثي ۾ خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.ريلوي انتظاميه طرفان امدادي ٽرين 4 ڪلاڪن کانپوءِ حادثي واري هنڌ پهچڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو