گلگت (ويب ڊيسڪ)حاجي گلبر خان گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي، جنهن جو تعلق گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر سان آهي.وڏي وزير جي چونڊ ۾ حاجي گلبر خان کي ن ليگ ۽ پ پ جي حمايت حاصل آهي.حاجي گلبرخان نومبر 2009ع جي چونڊن ۾ جي يو آءِ ف جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو.2009ع ۾ پيپلز پارٽي جي اتحادي حڪومت ۾ حاجي گلبر خان صحت جو وزير هو.2015ع ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار حاجي گلبر خان کي شڪست ڏني هئي.حاجي گلبر خان 2020 جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿي صحت جو وزير ٿيو.حاجي گلبر خان گلگت بلتستان جي تڪ 18 ديامر 3 ٽينگر تان چونڊجي ويو.
