پي ٽي آءِ چيئرمين پهرين رات اٽڪ جيل ۾ گذاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)توشا خانه ڪيس ۾ گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين پهرين رات اٽڪ جيل ۾ گذاري، اٽڪ جيل جو سي ڪلاس الاٽ، ڪمري ۾ هڪ دري، هڪ ميٽرس، هڪ ڪرسي ۽ پاڻيءَ جو هڪ ڪولر ميسر آهي ان سلسلي ۾ جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو طبي معائنو ڪرايو ويو، کيس جيل مينوئل تحت سهولتون ڏنيون ويون آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڊسٽرڪٽ جيل اٽڪ منتقل ڪرڻ بعد جيل جي سڪيورٽي وڌائي وئي، جيل ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل، ڊي پي او اٽڪ موجب علائقي کي ريڊ زون قرار ڏنو ويو آهي،ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري بابت آمريڪي پرڏيهي وزارت جو اهم بيان سامهون آيو آهي،توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري بابت امريڪي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيسز پاڪستان جو اندروني معاملو آهي،امريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب واشنگٽن پاڪستان ۾ جمهوري اصولن جو احترام ۽ قانون جي حڪمراني جو چوندو رهيو،ترجمان موجب هڪ سياسي جماعت جي ليڊر جي گرفتاري کي پاڪستان جو اندروني معاملو سمجهون ٿا، چاهيون ٿا ته پاڪستان جي جمهوري روايتن جي پاسداري هجي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيِ نه ٿئي

پهنجو تبصرو موڪليو