ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار، سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي ڀرپور مذمت ڪري ٿي، اُن ڪريل حرڪت جي سڄي دُنيا جي باشعور ماڻھن بنا ڪنھن مذھبي ۽ قومي فرق جي مذمت ڪئي آھي ۽ اُن کي ڪريل عمل قرار ڏنو آھي، اسان بھ اُن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪراچي ۾ به لوڊشيڊنگ جو وقت وڌايو ويو آھي، جڏھن تھ صوبي جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رھي آھي، جنھن سان عوام سخت تڪليف ۾ ورتل آھي، اسان وزير اعظم پاڪستان کي گذارش ڪريون ٿا ته سنڌ جي عوام کي ھن ڏکيائي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سخت نوٽيس وٺي ۽ رليف لاءِ قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪري. ھن چيو ته ڪجھ ڏينھن کان جماعت اسلامي، سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ۾لڳل آھي، جماعت اسلامي جا ووٽ اسان کي تمام گھٽ ھُئا، جماعت اسلامي کي پي ٽي آءِ به ووٽ نه ڏنا، پر جماعت اسلامي ڪوڙي پروپيگنڊا اسان جي خلاف ڪري رھي آھي. ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گذارش آھي ته جماعت اسلامي جي الخدمت فنڊز جي استعمال جي جاچ ڪري جماعت اسلامي کي الزام تراشي ڇڏي بھتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا، اچي گڏجي ويھن ۽ شھر جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪن. ھن چيو ته عيد جي ڏينھن ۾ به پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن صفائي سٿرائي جي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو، جماعت اسلامي پنھنجي پراڻي طرز عمل کان ٻاھر نڪري ۽ گڏجي ڪم ڪري، جماعت اسلامي کي ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ جي ڪري سيٽون مليون آھن کين ايم ڪيو ايم جو شڪر گذار ھجڻ گھرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪالھ تحريڪ انصاف ھڪ چيف جسٽس تي بي اعتمادي جو اظھار ڪيو ، جيڪا ڳالھ عدالت کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش آھي، جھڙي ريت پي ٽي آءِ پنھنجي ملڪ جي ادارن خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي ته ھاڻي ساڳيو حربو عدليه خلاف استعمال ڪري رليف وٺڻ جي ناجائز ڪوشش ڪري رھي آھي. ھن چيو ته ھڪ ڪوڙو شخص جنھن سرڪاري خزاني ۽ پاڪستان جي ساک کي نقصان پھچايو، پوري دُنيا کي معلوم آھي ته عمران خان توشا خانا تي ڌاڙو ھنيو آھي، پر اڄ اُن جي ڪرتوتن جي ٻڌڻ جوڳو ھجڻ بابت سوال اٿارڻ بدران پاڻ ھڪ سواليه نشان آھي. ھن چيو ته عمران خان چاھي ٿو ته ثاقب نثار کي ٻيھر اُن عھدي تي آندو وڃي، اھوئي ثاقب نثار جنھن عمران خان جي گھر کي ريگيولرائز ڪيو، اھوئي ثاقب نثار ۽ اُن جا پُٽ اُن پارٽي جا ٽڪيٽ وڪرو ڪندي ڏٺا ويا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جڏھن اھڙا ماڻھو نيب جي چنبي ۾ ايندا تڏھن ڳالھيون کلنديون، ثاقب نثار جي ڄاٽن ۽ پٽن تي ڪيس ھلائڻ جي ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته ثاقب نثار ۽ اُن جي ٻارن ناجائز فائدا حاصل ڪيا. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اسد طور ھڪ احترام جوڳو يوٽيوبر آھي، اُن جي وي لاگ جي حوالي سان جيڪي ڳالھيون اچي رھيون آھن اُنھن تي مناسب انڪوائري ٿيڻ گھرجي. ھن چيو ته ڪوبه شخص اھم ناھي ۽ ڪنھن جي خلاف جيڪڏھن لاڏلي جھڙي بوءِ اڃا به اچي رھي آھي ته ڏسڻو پوندو ته ائين ڇو آھي؟ ايف آءِ اي پي ٽي آءِ خلاف انڪوائري ڇو نه ٿي ڪري، پئسا ڪٿان آيا ۽ ڪيڏانھن ويا اُنھن جو حساب ڪتاب ٿيڻ گھرجي، قانون ۽ آئين جي ڪتاب تي عمل ٿيڻ گھرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراھ کي اڃا تائين جيڪو تحفظ ڏنو ويو آھي اھو سواليه نشان آھي، ھُن قيمتي اھم ملڪيتن کي سخت نقصان رسايو ۽ سندس خلاف اڃا تائين ڪجھ ناھي ٿيو، پر اھڙي شخص کي ڏسي ”گـُڊ ٽو سِي يـُو“ چوڻ ڪھڙو انصاف آھي؟ ھي شيون سھپ کان ٻاھر آھن. ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي چاھي ٿي ته ھن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ھُجي، اُن ۾ اسان جي ملڪ جي ڪاميابي ۽ ۽ يڪجھتي جو دارومدار آھي، اسان سڀني کي گھرجي ته گڏجي ھن ملڪ جي لاءِ ڪم ڪريون. ھن چيو ته اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب جاپان ۾ پاڪستاني معيشت جي بھتري، گڏيل واپار ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي رھيو آھي، ھي اسان جي قيادت جو ويزن آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اُن جي اڳواڻن جون وڊيوز آھن اُھي ثبوت آھن ته 9 مئي بابت اُنھن منصوبا بندي ڪئي. ھن چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ سندس خاندان ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ عيد گذاري ۽ سندس ڪارڪن جيلن ۾ ڏکيائيون ڀوڳي رھيا آھن.ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پيپلز پارٽي پنھنجي ماڻھن کي زوري ڪا ڳالھ چوڻ کان ناھي روڪيندي، پارٽي ۾ اختلاف راءِ کي ٻڌو ويندو آھي، پارٽي ميرٽ تي فيصلا ڪندي آھي، جيڪڏھن ڪنھن جي دل ۾ ڪنھن جي لاءِ محبت جاڳي آھي ته اُن جو به ڪجھ سبب ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ گھريو ھُجي ۽ نه مليو ھجي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم حڪومت ۾ اتحادي آھي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀارت جھڙا ملڪ پاڪستان خلاف ڪوششون ڪندا رھندا آھن، پر بلاول ڀٽو زرداري اُنھن سمورين ڪوششن کي ناڪام بڻايو، توڙي جو ھُن ڀارت جي دوري دوران به پنھنجي موقف کي بيان ڪيو جنھن ۾ ڪشمير، ڪلڀوشن ياديو ۽ ٻيا اھم موضوع شامل آھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پاڪستان دشمن قوتون پاڪستان خلاف سوشل ميڊيا کي استعمال ڪنديون رھنديون آھن، پي ٽي آءِ ڪيترن ئي ماڻھن کي سڌي ريت 19ھين گريڊ ۾ نوڪري ڏني، سرڪاري وسيلن کي پنھنجي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو، 9 مئي تي پي ٽي آءِ منظم طريقي سان شيون ھلايون، باوردي پوليس وارن تي پيٽرول بم اڇليا ويا، ٻي ڪا سياسي پارٽي ايئن ڪري ھا ته اُن سان ڪھڙو ورتاءُ ٿئي ھا. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قرباني جو کلون جمع ٿيڻ بعد اُن جي رقم کي جماعت اسلامي ايندڙ اليڪشن ۾ مخالف پارٽين خلاف استعمال ڪندي آھي.ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاھدي کانپوءِ ھاڻي بھتري اچي رھي آھي ته عين ممڪن آھي ته قيمتون ھيٺ اچن، پر حڪومت ناجائز نفعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري پئي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ڳوام جنھن کي به ووٽ ڏئي اُن کي مڃڻ گھرجي.
