پي ٽي آءِ چيئرمين تي 22 آگسٽ تي فرد جرم لاڳو ٿيندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين تي 22 آگسٽ تي فرد هجرم عائد ڪندا.اليڪشن ڪميشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل شعيب شاهين اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو.وڪيل شعيب شاهين چيو ته ڪالهه سوچيم ته هڪ رڪارڊ مليو، اڄ ڏٺم ته فائل ۾ ٻئي رڪارڊ موجود هئا.هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ذاتي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست آهي.ميمبر اليڪشن ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ايندي؟وڪيل شعيب شاهين چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي، ايندڙ ٻڌڻي سيپٽمبر ۾ رکو، اڄ موڪل آهي. ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته آگسٽ جي تاريخ وٺو ته پوءِ مصروف ٿي وينداسين. وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسان کي به سک جو ساهه کڻڻ گهرجي.ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته اوهان جي نمائندي چيو ته مون کي هڪ رڪارڊ گهرجي، ٻئي رڪارڊ اليڪشن ڪميشن وٽ تيار هئا.وڪيل شعيب شاهين چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ اسپتال ويو آهي، هو ڪيترن ئي ڏينهن کان عدالتن ۾ روز پيش ٿي رهيو آهي.ميمبر اليڪشن ڪميشن اڪرام الله خان چيو ته اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف چارج شيٽ داخل ٿيڻي هئي، چارج شيٽ داخل ڪرڻ لاءِ سندس موجودگي لازمي آهي.اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو