اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳوڻي وڏي وزير ۽ اڳوڻي صوبائي صدر پرويز خٽڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪندي کيس پارٽي مان برطرف ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب پرويز خٽڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته توهان کي 21 جون تي شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو، توهان مقرر مدي ۾ تسلي بخش جواب نه ڏنو.عمر ايوب نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ته کيس پارٽي ميمبرن سان رابطو ڪري پارٽي ڇڏڻ لاءِ اُڪسائڻ جو چيو ويو آهي. نوٽيس موجب تحريڪ انصاف جي بنيادي رڪنيت فوري طور ختم ڪئي وڃي.
