پي ٽي آءِ سنڌ ۾ پاڻي بحران جي نتيجن جي ذميوار هوندي،بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ارسا پنهنجا اختيار اورانگهي سنڌ جي حصي جو پاڻي 15 کان 20 سيڪڙو تائين گهٽائي ڇڏيو، پ پ چيئرمين پنجاب طرفان تڪراري ٽي پي ۽ سي جي ڪئنالز کولڻ وارو عمل غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ هٿ وٺي پاڻي جو بحران پيدا ڪندڙ پي ٽي آءِ نتيجن جي ذميوار به پاڻ هوندي، وفاقي سرڪار جي ظالماڻي پاليسي سبب ٺٽو، بدين، سجاول ۽ ٿرپارڪر ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ ٿي وئي، ڪراچي کي به پاڻي جي فراهمي انتهائي حد تائين گهٽجي وئي آهي، تڪراري ڪئنالز ذريعي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، ارسا 3 رُخي فارمولي سان سنڌ کي نقصان پهچائڻ جو سلسلو بند ڪري، عمران خان وضاحت ڪري ته ساريالي فصل جي مند ۾ سنڌ جو پاڻي روڪڻ پويان ڪهڙا مقصد آهن؟ پ پ چيئرمين طرفان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين گهربل پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته ڪي پي، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان سوڌو پوري پاڪستان کي طئي ٿيل فارمولي تحت پاڻي ملڻ گهرجي، ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ پاڻي جي مامري حق ماريو ويو ته مان آواز اٿاريندو رهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو