پي ٽي آءِ جي ورڪر ۽ عمران جي مداح آهيان؛ حريم شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ کان مقبوليت ماڻيندڙ حريم شاهه جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان تحريڪ انصاف جي ورڪر آهي ان ڪري وڊيو به انهن جي ٺاهيندي آهي. حريم شاهه هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان جو تصويرون ايڊٽ ڪيون پيون وڃن ۽ ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن هو چوڻ هو ته مان هن وقت تائين ڪنهن کي به ڌمڪي ناهي ڏني جيڪڏهن ڪا به ڳالهه ڪنديس ته ثبوتن سان سان پر ان معاملن کي پي ٽي آءِ سان نه ڳنڍيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي وڊيو سان ڪنهن تي ڪهڙو فرق پوندو اهو انهن ماڻهن کان پڇو. حريم شاهه جو چوڻ هو ته ان جي سڄي فيملي تحريڪ انصاف ۾ شامل آهي اسان ڪلهه به خان صاحب سان گڏ هياسين ۽ گڏ رهنداسين مان پي ٽي آءِ جي سپورٽر آهيان ۽ عمران خان جي مداح آهيان. حريم شاهه جو اهو به چوڻ هو ته ان جي نالي تي جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جيڪي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن انهن جي ترديد ڪيان ٿي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حريم شاهه وفاقي وزير ريلوي شيخ رشيد سان فون تي ڳالهائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ هڪ بحث ڇڙي پيو هو.  

پهنجو تبصرو موڪليو