پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو حڪم معطل

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 43 قومي اسيمبلي ميمبرن کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم پي ٽي آءِ جي ايم اين اي ياز فتيانه سميت 43 اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ ميمبرن جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته استعيفيٰ منظور ڪرڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون.جسٽس شاهد ڪريم پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙيون قانوني تقاضائون پوريون نه ڪيون ويون؟ بئريسٽر علي ظفر چيو ته اسپيڪر استعيفيٰ منظور ڪرڻ کان اڳ آئين تحت انڪوائري نه ڪئي، اسيمبلي ميمبر استعيفيٰ قبول ڪرڻ لاءِ اسپيڪر آڏو پيش نه ٿيا، اسپيڪر ميمبرن کي ٻڌڻ کانسواءِ استعيفيٰ قبول نٿو ڪري سگهي.عدالت اليڪشن ڪميشن جي 43 اسيمبلي ميمبرن کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو حڪم معطل ڪندي 43 تڪن تي ننڍي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو