لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين جي چونڊ روڪڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شيخ اقبال طرفان داخل درخواست ۾ پي سي بي ۽ وفاقي حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي سي بي چيئرمين جي چونڊ لاءِ چونڊ 27 جون تي ٿيڻي آهي، اليڪشن ڪرائڻ لاءِ بورڊ آف گورنرز جو قيام پي سي بي جي آئين جي خلاف آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت پي سي بي چيئرمين جي چونڊ روڪڻ جو حڪم ڏئي.لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ساجد محمود سيٺي 26 جون تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.پي سي بي ترجمان موجب بورڊ آف گورنرز (بي او جي) جو خاص اجلاس اڱاري ڏينهن 2 وڳي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ميمبر بورڊ آف گورنرز مان چيئرمين جي چونڊ ڪندا.
