لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ جو نئون سيزن 13 فيبروري سومر کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ نه رڳو مداح پر خود پرڏيهي رانديگر به پرجوش آهن.پي ايس ايل جي اٺين سيزن ۾ پهريون ڀيرو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو حصو بڻجندڙ ڪيوي رانديگر مارٽن گپٽل پنهنجي جذبات جو اظهار وڊيو پيغام ۽ ٽوئيٽ ذريعي ڪيو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽوئيٽر تي گپٽل جي هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته مان پاڪستاني مداحن لاءِ پاڪستان ۾ کيڏڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان، مان اهو تجربو حاصل ڪرڻ جو انتظار نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته پاڪستان ۾ مڪمل اسٽيڊيمز ۾ کيڏڻ جو مزو ايندو، مان پاڪستان اچي رهيو آهيان.ان کان علاوه ڪيوي ڪرڪيٽر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ٽيم ڪوئيٽا منهنجي نئين فرنچائز ۽ نئون گهر آهي، مان پنهنجي ٽيم لاءِ سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ٻئي طرف پي ايس ايل جي مشهور پريزينٽر ايرين هالينڊ پي ايس ايل جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پنهنجو نالو پرنٽر طور ڏسڻ کانپوءِ ٽوئيٽ تي رد عمل ڏنو ۽ لکيو ته پي ايس ايل لاءِ واپس اچڻ جو انتظار نٿو ڪري سگهجي.
