لطيف کوسا ۽ اعتزاز احسن جي پارٽي ميمبر شپ معطل

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي سينيئر وڪيلن اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا جي بنيادي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راڻا فاروق سعيد ٻنهي جي رڪنيت معطل ڪرڻ جي تصديق ڪئي.هن چيو ته اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا جي بنيادي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي.راڻا فاروق سعيد چيو ته اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا به پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جا ميمبر آهن.هن چيو ته پارٽي کي سفارش ڪئي وئي آهي ته اعتزازاحسن ۽ لطيف کوسا جي پارٽي جي سي اي سي رڪنيت ختم ڪئي وڃي.سندس چوڻ آهي ته اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا کي پارٽي مان ڪڍڻ جو فيصلو سي اي سي اجلاس ۾ متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو