لاهور)ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل چونڊن ۾ بي وفائي ڪندڙن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙو فيصلو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، فيصلي سان متاثر ٿيندڙن ۾ اهي سياسي اڳواڻ به شامل آهن جن پيپلز پارٽيءَ جون ٽڪيٽون ريٽرننگ آفيسر وٽ جمع نه ڪرايون، جنهن ۾ فردوس عاشق اعواڻ، قيوم جتوئي خاندان، شوڪت بسرا، نوشير لنگريال، ڪاشف نويد پنسوتا، ڊاڪٽر جاويد گنجال ۽ ٻيا شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن سمورن اڳواڻن پارٽي جي سينيئر اڳواڻن کي ٻيهر پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جون سفارشون ڪيون آهن پر بلاول ڀٽو انڪار ڪري ڇڏيو آهي.چيئرمين جي هدايت تي پارٽي ڇڏيندڙن جا نالا اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل نه ڪيا پيا وڃن ۽ نه ئي معافي ورتي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اعليٰ سطحي اجلاس ۾ آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني، مخدوم احمد محمود، نيئر بخاري، عبدالقادر شاهين، رخسانه بنگش ۽ سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي.
