اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيمرا ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ترميمي بل سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ تيار ڪيو ويو آهي.هن چيو ته بل ۾ سي پي اين اي، ايم ڪيو ايم، پي بي اي، پي ايف يو جي ۽ اي پي اين ايس جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جا نظريا شامل ڪيا ويا آهن.مريم اورنگزيب چيو ته بنيادي مقصد آزاد، ذميوار ميڊيا کي فعال بڻائڻ آهي.
