اعجاز مهر
پيغمبرن جي سرزمين سڏجندڙ فلسطين جي تاريخ جيتري پراڻي آهي اوتري حضرت ابراهيم، حضرت دائود، حضرت لوط، حضرت يعقوب، حضرت موسيٰ، حضرت هارون، حضرت سليمان جي اولاد اسرائيلي قوم جي تاريخ به پراڻي آهي. فلسطيني بنيادي طور عرب آهن پر انهن ۾ ڪرسچن سميت مختلف مذهبن جا عرب به شامل آهن.

مختصر اوائلي تاريخ
1050 قبل مسيح کان فلسطينين ۽ اسرائيلين ۾ جنگيون ۽ جهيڙا ٿيندا رهيا آهن ۽ تاريخ موجب فلسطيني اسرائيلين کان ڏاڍا رهيا آهن.هتي اسين پراڻي تاريخ جا ورق نٿا اٿلايون پر پهرين عالمي جنگ کان فلسطين ۽ اسرائيل جي تاريخ جو پيرو کڻي پنهنجي پڙهندڙن کي فلسطين ۽ اسرائيل جي اڄ تائين واري جنگ ۽ جهيڙي جي تاريخ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
اوٽومن ايمپائر جو زوال
جنهن کي خلافت عثمانيا يا ترڪ راڄ به چيو ويندو آهي چوڏهين صدي کان 1914 ۾ پهرين عالمي جنگ ۾ شڪست تائين سڄي عرب دنيا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن تائين سندن حڪمراني هئي. مختلف سببن ڪري گهڻي ڀاڱي يهودي ان عرصي ۾ فلسطين مان لڏي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهيا پر فلسطين ۾ تمام گهٽ تعداد ۾ يهودي بچيا هئا. ترڪن جي شڪست بعد فلسطين جو ڪنٽرول برطانيا وٽ هليو ويو ۽ برطانيا يهودين لاءِ نئين وطن طور فلسطين جي چونڊ ڪئي. 1917 ۾ بيلفور ڊڪليئريشن جاري ڪيو ويو(آرٿر بيلفور برطانيا جو پرڏيهي وزير هو جنهن جي نالي پويان اهو سڏيو ويندو آهي. 1922 جڏهن ليگ آف نيشنز (گڏيل قومن) جو بنياد پيو ته ان برطانيا جي فيصلي جي تائيد ڪئي ۽ يهودين جي وطن اسرائيل جو بنياد پيو. ان وقت عربن جو انگ وڌيڪ ۽ يهودين جو گهٽ هو پر 1933 کان 1945 تائين هٽلر جڏهن يهودين تي ڌرتي تنگ ڪري سندن قتل عام ڪيو ته ان دوران جرمني سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن مان يهودي اسرائيل ۾ آباد ٿيڻ لڳا. ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ 1947 ۾ گڏيل قومن فلسطين کي ٻن حصن ۾ عربن ۽ يهودين جي علائقن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو پر يروشلم (جتي مسجد الاقصيٰ مسلمانن جو پهريون ڪعبو آهي) ان کي انٽرنيشنل سٽي قرار ڏنو.

يهودين ان کي تسليم ڪيو پر عربن اهو فيصلو نه مڃيو. آمريڪا ۽ يورپ سميت ڪيترن ملڪن به اهو فيصلو تسليم ڪيو. جتان عربن ۽ يهودين ۾ جهيڙو شروع ٿيو. 1948 ۾ برطانيا هٿ پٽيا ۽ يهودين اسرائيل جي نالي رياست جو بنياد وڌو. 5 عرب ملڪن اسرائيل تي گڏيل حملو ڪيو جيڪو 1948 جي آخر کان 1949 جي شروع تائين جاري رهي.
ان دوران مصر غزه تي قبضو ڪيو، اردن وارن ويسٽ بئنڪ ۽ يروشلم جو اوڀارون پاسو اردن ۽ اولهائون پاسو اسرائيل جي قبضي ۾ اچي ويو. ان دوران عربن ۽ يهودين ۾ جهيڙا هلندا رهيا.

جنگين ۽ جهيڙن کان تنگ ٿي ڪيترائي فلسطيني عرب ملڪ ڇڏيندا ويا. ڪجهه لبنان، ڪجهه اردن ۽ ڪجهه مصر ته ڪي شام هليا ويا. ڪي وري امير عرب يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ هليا ويا. باقي جيڪي فلسطين ۾ رهيا انهن مان گهڻي ڀاڱي ويسٽ بئنڪ ۽ غزا ۾ رهيا.

عرب اسرائيل جنگ
1967 ۾ وري فيصلائتي عرب اسرائيل جنگ لڳي جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي ملڪن اسرائيل جي ڀرپور مدد مدد ڪئي ۽ عربن کي شڪست ملي. اسرائيل اردن کان ويسٽ بئنڪ ۽ يروشلم جو قبضو ڇڏايو، شام جي گولان هائيٽس ۽ مصر جي ثنائي واري علائقي تي قبضو ڪيو، غزا جو قبضو به مصر کان ڇڏايو. ان جنگ دوران وڌيڪ لکين فلسطيني ڀرپاسي جي عرب ملڪن ۾ پناهگير بڻجي ويا.
ويسٽ بئنڪ ۽ فلسطيني اٿارٽي
هن وقت 30 لک فلسطيني ويسٽ بئنڪ ۾ رهن ٿا جتي اسرائيل جو مڪمل قبضو آهي ۽ فلسطيني اٿارٽي جي نالي ماتر حڪمراني آهي. فلسطين جو صدر محمود عباس به ويسٽ بئنڪ ۾ رهي ٿو. 20 کان 22 لک فلسطيني غزا جي پٽي ۾ رهن ٿا. 70 لک فلسطيني پناهگير دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. جن کي اسرائيل واپس وطن اچڻ نٿو ڏي، ڇو ته ان سان اسرائيلي اقليت ۾ ايندا ۽ فلسطينين جي مزاحمت به وڌي سگهي ٿي. اسرائيل جو نسل پرستي وارو راڄ قائم آهي ويسٽ بئنڪ واري آبادي غلامن جهڙي زندگي گزاري ٿي، سيڪورٽي چيڪ پوسٽ عربن ۽ مسلمانن لاءِ ڌار آهن، يورپين ۽ اسرائيلين لاءِ ڌار ڌار ٺهيل آهن.
غزا جي پٽي ۽ حماس
غزا شهر جي آبادي 20 لک آهي، 41 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 10 ڪلوميٽر ويڪري غزا جي پٽي دنيا جي سڀني کان وڌيڪ ڳتيل آبادي وارو شهر آهي.هڪ پاسي روم وارو سمنڊ (ميڊيٽيرينين سي) آهي، ٻئي پاسي اسرائيل آهي ۽ ڏکڻ ۾ مصر جو ثنائي ريگستان آهي. 1948 واري جنگ ۾ مصر قبضو ڪيو، 1967 ۾ اسرائيل قبضو ڪيو جيڪو 2005 ۾ خالي ڪيو. گڏيل قومون اڃا به ان کي اسرائيل جي قبضي هيٺ قرار ڏي ٿو. اڳ ۾ هتي به صدر محمود عباس جي حڪومت هئي پر 2006 ۾ جيڪا چونڊ ٿي ان ۾ غزا ۾ حماس کي اڪثريت ملي، جن هٿ ٺوڪي حڪومت ٺاهي ياسر عرفات واري پارٽي جي ماڻهن کي قتل ڪيو يا ماري ڀڄائي ڇڏيو. اسرائيل موجب حماس وارن جي جنگ مان فلسطيني به تنگ آهن، جن کي حماس غزا کان ٻاهر وڃڻ نٿا ڏين ۽ کين انساني ڍال طور استعمال ڪن ٿا. حماس لفظ جو مطلب آهي اسلامي مزاحمتي تحريڪ. شروع ۾ ان جو بنياد 1950 ۾ شيخ احمد ياسين اخوت المسلمين نالي رکيو هو ۽ اهو خيراتي ادارو هو جيڪو مسجدن جي نيٽ ورڪ سان مضبوط ٿيندو1987 ۾ حماس جو روپ اختيار ڪيو. جنهن بعد هو وقت بوقت اسرائيل تي حملا ڪندا رهندا آهن. 7 آڪٽوبر وارو حملو حماس جو وڏي ۾ وڏو حملو آهي جنهن ۾ هنن 1400 اسرائيلي شهري ۽ فوجي قتل ڪيا ۽ 200 کان مٿي اسرائيلي اعليٰ فوجي آفيسرن سميت اسرائيلي شهرين کي يرغمال بڻايو آهي. رپورٽس موجب حماس سان اختلاف ڪندڙ يا حڪم نه مڃيندڙ فلسطينين کي هو ماري ڇڏيندا آهن. ٻيو ڪو به فلسطيني سگهارو مزاحمتي گروپ ناهي رهيو، لبنان ۾ حزب الله نالي ايران جو حمايت يافته مزاحمتي گروپ ۽ حماس اسرائيل جا وڏا دشمن آهن. شايد اهو ئي سبب آهي ته اسرائيلي وزيراعظم کان جڏهن سندن ٽن وڏن دشمنن بابت سوال ڪيو ويو ته بينجمن نيتن ياهو چيو ايران، ايران ۽ ايران.
آمريڪا ۽ يورپ سميت اڪثر مغربي ملڪن حماس کي دهشتگرد تنطيم قرار ڏنو آهي، گڏيل قومن، روس ۽ چين ائين ناهي ڪيو. گڏيل قومن پاران فلسطين ۽ اسرائيل م ورهايل علائقن واري فيصلو هجي يا ياسر عرفات پاران ڪيل اوسلو سمجهوتو انهن تي اسرائيل عمل ناهي ڪيو اڪثر فلسطيني علائقا اسرائيل جي قبضي ۾ آهن ماسواءِ 41 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 10 ڪلوميٽر ويڪري غزا جي پٽيءَ جي. هاڻي اسرائيل غزا جي پٽيءَ تي فيصلائتي زميني، هوائي ۽ سامونڊي حملن جو اعلان ڪيو آهي ۽ حماس کي مڪمل طور ختم ڪرڻ چاهي ٿو. مصر ۽ اردن مان کيس خطرو ناهي، لبنان جي حزب الله، شام ۽ ايران مان کيس خطرو آهي. ايران جو پرڏيهي وزير مختلف ملڪن جي دوري تي آهي ۽ هن چيو آهي ته غزا تي اسرائيل جي زميني حملي بعد جنگ پوري خطي ۾ ڦهلجي سگهي ٿي. (هن مضمون ۾ ڪجهه معلومات بي بي سي تان به ورتي آهي پر تصويرون سندن ٿورن سان هتي شايع ڪريون ٿا)#