پير جمن شاهه جو ميلو، پهلوانن ۾ دلچسپ مقابلا

پڊعيدن (مجاهد شر) المعروف درگاهه پير جمن شاه جي عرس مبارڪ جي چوٿين ڏينهن تي به سنڌ جي ثقافتي راند ملھ جا دلچسپ مقابلا جاري رهيا جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي پهلوانن وچ ۾ سخت مقابلن ۾ سنڌ جي پهلوانن جو پلڙو ڀاري رهيو. پهرين جوڙ ۾ مبارڪ ملاح دلدار علي ۽ حاڪم ڪوش کي زور آزمائي کان پوءِ هارائي پهرين نمبر تي رهيو ۽ ٻئين جوڙ ۾ لطيف شيدي عرف ٽيڊي شيدي راشد عالماڻي ۽ اختر رانجهاڻي کي دسي ڪاميابي ماڻيندو رهيو. جڏھن ته رحمان ڪوش سلام ڪوش رحمان بکراڻي ۽ مور هوتيپوٽو ۽ ٻين پاران ملھ مقابلن ۾ زور آزمائي جو مظاهرو ڪيو ويو. درگاهه جي گادي نشين پير رڪن الدين هاشمي قريشي ۽ ملھ  جي شوقينن پاران پهلوانن کي روڪ رقم انعام طور ڏني وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو