مورو پوليس 2 موٽر سائيڪلون هث ڪري جوابدار گرفتار ڪري ورتا

مورو(رپورٽ اياز مورائي) مورو پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪاروايون چوري ۽ ڦر ٿيل 2 موٽر سائيڪلون هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪيون ۽ جوابدارن کي چالان ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او مورو راجا نويد سرفراز ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ درزي مارڪيٽ مان سردار شاه جي چورايل موٽر سائيڪل مستري وٽ چالو ڪرائڻ لاءِ جوابدار پهتا ته خفيه اطلاع ملڻ تي مورو پوليس دوڪان تي پهچي فريادي سردار شاه کي گهرايو جنهن موٽر سائيڪل ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پوليس موقعي تان ٻن جوابدارن پرويز ڪورائي ۽ اختيار ٻرڙو کي گرفتار ڪري کين چالان ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه نيشنل هاءِ وي تي طارق پيٽرول پمپ وٽ هڪ ڦرڪيل موٽر سائيڪل کي هٿ ڪري ورتو جوابدار اها موٽر سائيڪل ڇڏي فرارٿي ويو پوليس موٽر سائيڪل پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. هوڏانهن گذريل رات مورو ۾ رينجرس ۽ پوليس مختلف هوٽلن جو سرچ آپريشن ڪيو ويو، مسافر خانه چيڪ ڪيا ويا، جتي رهيل مسافرن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ هوٽلن ۾ موجود ماڻهن کان پڻ تفصيل ورتا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو