پوليس چوري الزام ۾ 8 سالن جي نينگر کي کڻي آئي

گهوٽڪي (محمد اسلم مهر)  لکڻ ڪالوني جي رهواسي محمود حسن ميراڻي پوليس کي اطلاع ڪيو ته منهنجي گهر مان چوري ٿي آهي چور سوگهو ڪيو آهي پوليس پهچي اتان 8 سالن جي معصوم نينگر خان محمد پٽ فقير مشوري کي گرفتار ڪري آئي. پوليس پاران گرفتار ڪرڻ تي معصوم ٻار رڙيون ڪندو رهيو پر پوليس معصوم نينگر کي ٿاڻي تي کڻي آئي. ان موقعي ته معصوم نينگر خان محمد ميڊيا کي ٻڌايو ته مان گهٽي ۾ راند ڪري رهيو هيس ته منهنجو بال هڪ گهر ۾ وڃي ڪريو جنهن بعد مان گهر ۾ داخل ٿيس ته گهر ڀاتين مون کي پڪڙي پوليس گهرائي مون تي چور جو الزام هنيو پر مان چور ناهيان. ان موقعي ته گهر ڌڻين محمود حسن ٻڌايو ته نينگر گهر مان چوري ڪري رهيو هو جن کي پڪڙي ورتو نينگر سان هڪ ٻيو ماڻهون به هو جيڪو فرار ٿي ويو. هوڏانهن گهوٽڪي اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته اسان شهري محمود حسن جي چوڻ تي ڪارروائي ڪري نينگر کي گرفتار ڪري آيا آهيون , وڌيڪ جاچ ڪيون پيا ڪو ڪيس داخل ناهي ڪيو. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته پوليس پاران گرفتار ڪيل نينگر گهوٽڪي لڳ ليبر ڪالوني جو رهواسي آهي جن جو والد پني ڪري خاندان جو  پيٽ پاليندو آهي. پوليس جي اهڙي ڪارنامي تي سياسي، سماجي ڌرين پوليس جي ناڪامي ظاهر ڪندي چيو ته شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ معصوم نينگر کي گرفتار ڪري  آئي آهي جيڪا سندن ناڪامي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو