پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار 2 فرار

ڳڙھي خيرو (جاويد لغاري ) لاڙڪاڻي روڊ تي پوليس جو ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ۽ ٻھ ڄڻا ٻيا فرار ٿي ويا. زخمي ٿيل ڏوھاري کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال کڻائي آئي جنهن کي طبي امداد ملڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.  ميڊيا سان ڳالھائيندي  ايس ايڇ او  ڳڙھي  خيرو غلام نبي بجاراڻي ٻڌايو تھ پوليس معمول جي گشت تي وڃي رهي هئي تھ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ٽن ڄڻن پوليسس تي ھٿيار سڌا ڪيا. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڏوھاري محمد بچل پھوڙ  زخمي ٿي پيو ۽ سندس بھ ساٿي فرار ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو