پوليس مقابلي بعد هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو

ڪشمور(جي ايم کوسو) قانون لاڳو ڪندڙن ادارن ۽ ڪشمور پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي هڪ دھشتگرد کي ڌماڪي دار مواد ۽ هٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي ڪشمور اسد رضا شاهه صحافين کي ٻڌايو ته ريلوي پٽڙي جي سرچ آپريشن دوران مشتبه دھشتگردن پوليس مٿان  فائرنگ ڪئي ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مقابلي ۾ ٻه پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا جڏھن ته پوليس ھڪ دھشتگرد فوج علي کي زخمي حالت ۾ گرفتارڪري ورتو ۽ ٻيا دھشتگرد فرار ٿي ويا. گرفتار دھشتگرد جو تعلق ڪلعدم تنظيم بي آر اي، جي نراض ۽ بگي بگٽي ڪمانڊرن جي گروپ سان آهي. ايس ايس پي کان جڏهن زخمي پوليس وارن جا نالا پڇيا ويا ته هو لنوائي ويو. علائقي ۾ چوٻول آهن ته مبينه دهشتگرد کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو