پوليس مخالفن جي چُرچ تي زمين جو ڪم بند ڪرايو آهي؛ ڳوٺاڻا

ٺل(عبدالنبي شيخ) ڳوٺ نور محمد کوسو ۾ زبردستي زمين جو ڪم بند ڪرائڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف کوسا برادري احتجاجي مظاهرو ڪري ٺل جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن حبيب الله، عبدالعزيز کوسو، عبدالرزاق، نصرالله کوسو ۽ ٻين چيو ته حد جي پوليس پاران اسان سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن ايس ايچ او اسان جي کاتي جي زمين تي مخالفن کان ڳري رشوت وٺي زبردستي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي پوليس اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. هنن چيو ته اها اسان جي کاتي واري زمين آهي پوليس اسان کي پريشر ڏئي کاتي واري زمين تي به قبضا گيرن جو قبضو ڪرائڻ چاهي ٿي جيڪو غير اخلاقي عمل آهي پوليس اسان جي مخالفن جي ڌر بڻيل آهي جنهن ڪري پوليس ۽ مخالفن مان اسان کي خطرو آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته حد جي پوليس انتظاميه جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو