پوليس جي ڪاروائي،15 ڪلو چرس هٿ،ڪيس داخل

سکر(امداد علي ڪلوڙ) سکر ايڪسائيز پوليس جي ڪاروائي, 15 ڪلو چرس ھٿ, جوابدار گرفتار, خبرموجب سکر ايڪسائيز پوليس ٽائون سکر ٽول پلازه واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي ڪرولا ڪار نمبر اي واء اين 217 جي تلاشي دوران 15 ڪلو چرس هٿ ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي, ان ڏس ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر سکر نجيب احمد ڊومڪي صحافين کي ٻڌايو ته  جوابدار لال بخش پٽ شفيع ابڙو کي گرفتار  ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو, اڄ جوابدار کي رمانڊ لاء عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو