بابا تڪليفون ڪري پڙهايو، محنت جو سِلو ملي ويو، شيخ

پکو (عبدالوحيد ميئو) تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي پورھيت دوڪاندار جو پٽ اسسٽنٽ ڪمشنر بڻجي ويو. ان ڏس ۾ قمبر واسي  نوجوان شعبان علي پُٽ محمد رفيق شيخ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر جو عھدو ماڻي ورتو آھي. پبلڪ سروس ڪميشن جي اميدوارن جي فائنل رزلٽ ۾ نوجوان شعبان شيخ جو نالو اچڻ تي وارثن ۾ خوشيءَ جھڙو ماحول ڇائنجي ويو آھي ۽ وڏي تعداد ۾ شھري نوجوان جي گھر پھچي وارث کي واڌايون ڏنيون آھن. ان حوالي سان ڪامياب نوجوان شعبان علي شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته مان ھڪ غريب پورھيت جو پٽ آھيان منھنجو پيءُ شھر ۾ منيارڪي دوڪان تي ننڍڙو واپار ڪندو آھي پر ان پنھنجي پگھر جي محنت سان مون کي وڏن ڪاليجن ۾ تعليم ڏياري ۽ منھنجي ھن ڪاميابي ۾ ان جو اھم ڪردار آھي مان اڄ پنھنجي پيءُ جا ڪامياب ٿي سمورا ڏک لاھي ڇڏيا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي غريب نوجوانن کي محنت ڪرڻ گھرجي محنت ۾ ئي ڪاميابي جو حل آھي. ٻئي طرف نوجوان جي پيءُ محمد رفيق شيخ ٻڌايو ته اڄ منھنجي زندگي جي خوشي جو ڏينھن آھي منھنجي پٽ ڪاميابي ماڻي منھنجا سڀ ڏک ۽ تڪليفون دور ڪري ڇڏيون آھن. مان غريب پورھيت آھيان پورھيو ڪري پٽ کي پڙھايو ۽ اڄ منهنجي محنتن رنگ لاتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو