پورهيت تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

سکر ( امداد علي ڪلوڙ) کاهي شهر جي رهواسي پورھيت عاشق هڪڙو تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي محمد علي هڪڙو، دلاور، بخت علي، رسول بخش ڀيو، لونگڻ شر، علي بحر شر، سيد ارباب شاهه، برڪت شر، عبدالحميد، الله ورايو، ملوڪ ھڪڙو، اقبال ھڪڙو ٻڌايو ته جوابدار مير حسن مھر، مير خان مھر، شمن مھر ۽ ٻين پورھيت عاشق ھڪڙو کان ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ قاتلاڻو  حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو جوابدارن کي تر جي بااثر وڏيري جي پٺڀرائي آھي. جڏهن ته جوابدارن مٿان دهشتگردي، قتل جو ارادو، ڀتا خوري جا قلم شامل آهن پوءِ به ڊي ايس پي لکي جوابدارن کي گرفتار  ڪرڻ کان لنوائي رھيو آھي. ھنن چيو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته پوري سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو