پنجاب ۾ سستي روٽي اسڪيم باضابطه طور تي بند، آڊٽ ٿيندي

لاهور (ڊيسڪ نيوز) پنجاب حڪومت پاران اڳوڻي وزيراعليٰ شهباز شريف جي دور ۾ شروع ٿيل ”سستي روٽي“ اسڪيم کي باضابطه طور تي ختم ڪندي ”سسٽي روٽي اٿارٽيءَ“ کي غيرفعال ڪرڻ ۽ اسڪيم يج آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو وزيرعاليٰ عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ٿيل صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير اسلم اقبال چيو آهي ته سستي روٽي اٿارٽِءَ جي آڊٽ ڪرائي ويندي ۽ ان اسڪيم ۾ ٿيل بي ضابطگين جي نشاندهي ڪري ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. واضح رهي ته پنجاب ۾ 2008 کان 2013 تائين سستي روٽي اسڪيم تحت پنجاب جي خوراڪ واري کاتي 05 لک 04 هزار 325 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جاري ڪئي وئي جنهن تي 13 ارب روپين جي سبسڊي ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو