پنجاب ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي جديد گاڏيون ڏبيون:نقوي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پنجاب ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي جديد گاڏيون ڏنيون ويون آهن.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ سول ڊفينس جي اهميت پهرين کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي جديد اوزارن جي تربيت پڻ ڏني ويندي.پنجاب جي نگران وڏي وزير اهو به ٻڌايو ته بم ڊسپوزل گاڏيون ڀکر، چنيوٽ، گجرات، حافظ آباد، جهلم، خانيوال ۽ ٻين ضلعن کي ڏنيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو