پنجاب مان 2 پي ٽي آءِ سينٽرن سميت 7 بنامقابلي ڪامياب

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب مان سينيٽ جي 7 جنرل سيٽن تي 12 مان 5 اميدوارن پنهنجا ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا جنهن سبب محسن نقوي، احد چيما، پرويز رشيد، ناصر محمود ۽ طلال چوڌري بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. جنرل سيٽن تي مسلم ليگ (ن) جا 5 ۽ سني اتحاد ڪائونسل جا 2 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. مسلم ليگ ن جو پرويز رشيد، ناصر محمود، احد چيما ۽ طلال چوڌري ڪامياب ٿيا آهن، اهڙي طرح حڪومتي اتحاد جي حمايتي محسن نقوي به ڪامياب ٿيو. سني اتحاد ڪائونسل جي راجا ناصر عباس ۽ حامد خان ايڊووڪيٽ به بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. 7 جنرل سيٽن لاءِ هٿ کڻندڙ اميدوارن ۾وليد اقبال، شهزاد وسيم، اعجاز منهاس، مصدق ملڪ ۽ عمر چيما شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو