لاهور (ويب ڊيسڪ)گوجرانوالا، فيصل آباد، قصور، چونيان سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي.برسات سبب روڊن ۽ انڊر پاسن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ گاڏين جو هلڻ مشڪل ٿي ويو.قصور ۽ چونيان ۾ تيز برسات کانپوءِ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.موسميات کاتي اڄ پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
