بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ ڌماڪا، 28 ڄڻا فوت،ايمرجنسي نافذ

قلع سيف الله /پشين (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ ڌماڪا ٿيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا آهن. پهريون ڌماڪو بلوچستان جي ضلعي پشين جي علائقي خانزئي ۾ ٿيو جنهن ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ٻيو ڌماڪو قلعه سيف الله ۾ جي يو آءِ (ف) جي آفيس ٻاهران ٿيو جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا.خانزئي ۾ ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ بيٺل موٽرسائيڪل تباهه ٿي وئي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 15 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. خانزئي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ تصديق ڪئي ته ڌماڪي کانپوءِ 15 لاش ۽ 30 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي، جن مان اڪثر جي حالت نازڪ آهي.ڌماڪو عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ اڳوڻي وزير اسفند يار ڪاڪڙ جي آفيس ٻاهران ٿيو پر هو آفيس ۾ موجود نه هو، ڌماڪي وقت وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا. جڏهن ته ٻين سياسي پارٽين جون آفيسون به هن علائقي ۾ موجود آهن.

ڌماڪو آفيس ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل ۾ ٿيو: اسفند يار

اڳوڻي صوبائي وزير اسفند يار خٽڪ جو تعلق سياسي پارٽي سان آهي پر هن ڀيري ٽڪيٽ نه ملڻ تي هو آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي رهيو آهي. آزاد اميدوار اسفند يار خٽڪ جو چوڻ آهي ته ڌماڪو سندس آفيس ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل ۾ ٿيو.

ان ناڪام ڪوشش باوجود سڀاڻي چونڊون ٿينديون: جان اچڪزئي

نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي چيو ته خانزئي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اهو آپگهاتي ڌماڪو نه هو، ڌماڪيدار مادو موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو. هن چيو ته بلوچستان ۾ چونڊ عمل کي سبوتاز ڪرڻ جي هي ڌماڪيدار ڪوشش آهي، ناڪام ڪوشش آهي، اليڪشن سڀاڻي ٿيندي ۽ پرامن ٿيندي.  عوام ٻاهر اچي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪُٽي ڇڏيندو، جهڙي طرح هڪ مهيني ۾ هزارين ريليون ۽ ڪارنر ميٽنگون ٿيون آهن، انشاالله سڀاڻي به پرامن هوندو.  ان افسوسناڪ واقعي کان پوءِ به اسان پنهنجي ذميواري برقرار رکنداسين.  جيڪڏهن ضرورت پئي ته سخت زخمين کي وڏي وزير جي جهاز ۾ علاج لاءِ ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس

ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پشين ضلعي ۾ صوبائي تڪ پي بي 4 ۾ سياسي پارٽي جي آفيس ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ملڪ دشمن عوامي امن جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا: نقوي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي قلعي سيف الله ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصر عوامي امن جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا. پنهنجي هڪ بيان ۾ محسن نقوي چيو ته ڌماڪي ۾ جاني نقصان تي گهرو ڏک آهي، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان.هن چيو ته پشين کان پوءِ قلعي سيف الله جو ڌماڪو افراتفري پکيڙڻ جي سازش آهي.

ايران پاران بلوچستان ۾ دهشتگردي جي مذمت

پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني بلوچستان ۾ دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايراني سفارتخاني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايران بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، ان دهشتگرد حملي ۾ بيگناهه شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن.ترجمان موجب ڏک جي هن گهڙي ۾ ايران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو، ايران متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو جيڪي پنهنجا پيارا وڃائي ويٺا آهن.ايراني سفارتخاني سوشل ميڊيا تي مذمتي بيان سان گڏ دهشتگرد حملي جي نتيجي جي تصوير به پوسٽ ڪئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو