پرڏيهي ڪرنسي ۽ سون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس ڪراچي ايئرپورٽ تان 1 ڪروڙ 60 لک رپين جي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪرنسي ۽ سون جي بئنڪاڪ اسمگلنگ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.اي ايس ايف ترجمان موجب ڪراچي کان بئنڪاڪ ويندڙ مسافر عمران گل اعواڻ وٽان 16 ڪروڙ رپين جي ڪرنسي ۽ سون هٿ ڪيو ويو، مسافر پنهنجي ٿيلهي ۾ 251 گرام سون ۽ پرڏيهي ڪرنسي لڪايو هو.اي ايس ايف ترجمان جو چوڻ آهي ته اهلڪارن هٿيارن جي تلاشي دوران ڪرنسي ۽ سون هٿ ڪيو جڏهن ته سامان شڪي هو، هٿ آيل ڪرنسي ۾ آمريڪي ڊالر، هانگ ڪانگ ڊالر، يوآن ۽ ريال شامل آهن.ترجمان موجب جوابدار کي شروعاتي جاچ کانپوءِ هٿ آيل سون ۽ ڪرنسي سميت ڪسٽم حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو