پريتي زنٽا کي ڪرڪيٽ ۾ به شاهه رخ ملي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره ۽ پنجاب ڪنگ جي شريڪ مالڪ پريتي زنٽا کي ڪرڪيٽ ۾ به شاهه رخ ملي ويو.پريتي زنٽا ڪولڪته نائٽ رائيڊرز جي مالڪ شاهه رخ خان سان فلمن ۾ ڪم ڪيو،ٻنهي جي آءِ پي ايل جي صورت ۾ ڪرڪيٽ ۾ انٽري کانپوءِ شوقين انکي وير زارا قرار ڏين ٿا،پريٽي جي پنهنجي ٽيم ۾ به هاڻ شاهه رخ موجود ۽ هن جون خدمتون حاصل ٿيڻ تي هن نيلامي جي دوران ڪافي جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو هو.هاڻ تامل ناڊو سان تعلق رکندڙ بيٽسمين شاهه رخ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽيم جي شريڪ مالڪ پريتي زنٽا سان تصوير شيئر ڪئي آهي، هو ڊوميسٽڪ سرڪٽ ۾ هارڊ هٽر جي طور تي مشهور آهي، هن 8 ميچن ۾ 107 رنز ٺاهيون جن ۾ 6 ڇڪا به شامل آهن.  

پهنجو تبصرو موڪليو