پريا ڪماري کي آزاد ۽ سنڌ ۾ امن ڪرايو وڃي، جسقم

ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ مير حسن رند) مويا شهر ۾ جسقم پاران اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٻارڙي جي بازيابي لاءِ نعرا هنيا ويا. ڪامريڊ رمضان باگراڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته اسين سنڌ ۾ اغوا جي وڌندڙ واقعن، اغوا ٿيلن جي بازيابي، سنڌ ۾ بدامني جي لهر ۽ سنڌ ۾ اقليتي برادري سان ٿيندڙ زيادتين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. سنڌ حڪومت سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، موجوده حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کان پريا ڪماري، فضيلا سرڪي ۽ ٻين يرغمالين جي اغوا جو نوٽيس وٺندي مطالبو ڪيو ته سموري مغوين کي جلد بازيابي سميت سنڌ ۾ امن امان جي قيام لاءِ موثر قدم کنيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو