پرويز الاهي کي جيل جي واش روم ۾ ڪرڻ سبب فريڪچر

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي غسل خاني ۾ ڪري پيو.لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج ارشد حسين ڀٽي پنجاب اسيمبلي ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پرويز الاهي جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي.ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل عدالت کي ٻڌايو ته پرويز الاهي گذريل ڏينهن ڪري پيو هو جنهن سبب کيس فريڪچر ٿيو هو، هو 17 مارچ تي واش روم ۾ ڪري پيو هو.جنهن بعد عدالت جوابدارن جو انگ مڪمل نه ٿيڻ تي فرد جرم لاڳو نه ڪيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي طلب ڪري ورتو.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو