ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) قومي ورثي ڊويزن، حڪومتِ پاڪستان تحت پاڪستاني ٻولين جي ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ ملڪ جي سڀني کان وڏي اداري، اڪادمي ادبيات پاڪستان جي پهرين عورت چيئرپرسن، پروفيسر ڊاڪٽر نجيبه عارف، اڪيڊمي جي ڪراچيءَ ۾ قائم سنڌ صوبائي دفتر جي پنهنجي دؤري دؤران سنڌي، اردو ۽ گجراتي زبان جي ناميارن اديبن جي وفد سان هڪ غير رسمي ملاقات ڪئي ۽ ڪراچي دفتر جي سرگرمين کي ٻيهر نئين سر شروع ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون ۽ صلاحون گھريون ۽ ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي اردوءَ جي ادیبن ۾ ڊاڪٽر فاطمه حسن، پروفيسر رضيه سبحان، ڊاڪٽر نزهت عباسي ۽ رخسانه صباح، سنڌي قلمڪارن ۾ ياسر قاضي، پروفيسر الطاف اثيم، ڊاڪٽر عابد مظهر، اظهر ٻانڀڻ، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ ضيا ابڙو، جڏهن ته گجراتي ٻوليءَ جو معروف اديبَ کتري عصمت علي پٽيل شريڪ ٿيا. ڳالهه ٻولهه ۾ اڪادميءَ پاران رڳو ڪراچيءَ ۾ ئي نه، بلڪه سڄيءَ سنڌ ۾ ادبي سرگرميون ۽ ساهتي تحرڪ شروع ڪرڻ، سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه قومي سطح جون ڪانفرنسون، 6 وچولي درجي جا سيمينار ۽ 24 جي لڳ ڀڳ ننڍيءَ سطح جون نشستون ڪوٺائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. جن جي انعقاد لاءِ مختلف ادارن، يونيورسٽين ۽ تنظيمن سان اشتراڪ جي امڪانن کي پڻ بحث هيٺ آندو ويو. گڏوگڏ ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ شيخ اياز جي سؤ ساله جنم ڏينهن جي سلسلي ۾ ملهائجندڙ ”شيخ اياز جي سال“ جي تحت صوبائي سطح تي شيخ اياز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.
