توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل پروفيسر گرفتار،احتجاج ختم

گهوٽڪي /ميرپور ماٿيلو(عرفان سومرو ۽ ظهير وسير) پيغمبر اسلام جي مبينه گستاخي جي الزام هيٺ آيل نجي اسڪول جي پرنسپل ۽ ڊگري ڪالج جي پروفيسر نوتن مل گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، مذهبي تنظيمن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙو اعلان ايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا اسحاق لغاري ۽ ٻين جماعتن جي نمائندن گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. ايس ايس پي چيو ته جن به ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي، مندر ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي انهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پروفيسر نوتن جي گرفتاري بعد احتجاج جي ضرورت ناهي آٰءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو آهي ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.

جنهن آڏو  پروفيسر بيان رڪارڊ ڪرائيندو ۽ جاچ جو سلسلو اڳتي وڌايو ويندو. موقعي تي مولانا اسحاق لغاري ۽ ٻين پنهنجي ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ملزم گرفتار ٿي ويو آهي ۽ اسان کي پوليس جي جاچ تي ڀروسو آهي. ان کان اڳ ڇنڇر جي رات کان شروع ٿيل احتجاجي مظاهرن جو سلسلو آچر تي به جاري رهيو ۽ مذهبي جماعتن جا ڪارڪن ۽ شهري ڏنڊا کڻي احتجاج ڪندا رهيا. خوف ۾  گهوٽڪي شهر بند رهيو.

پوليس نوتن مل تي فريادي عبدالعزيز راجپوت جي درخواست تي ناموس رسالت واري قانون هيٺ پيغمبر اسلام جي مبينه توهين جو ڪيس داخل ڪيو  پر پوءِ به ڏنڊا فورس ڌام مندر اندر ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي ته پوليس ۽ ريجرز  جا دستا پهچي ويا جنهن بعد مڇريل ماڻهو کسڪي ويا.

ان کان اڳ مڇريل ماڻهن مندر تي حملو ڪري، اتي موجود ماڻهن تي تشدد ڪيو ۽ مورتيون ڀڃي ڀوار ڪيون، چندي جي پيٽي به ٽوڙي ڇڏي. جڏهن ته مڇريل ماڻهن نوتن مل جي نجي اسڪول تي به حملو ڪيو، جنريٽر، فرنيچر ۽ ٻيو سامان تباهه ڪري ڇڏيو. 

گهوٽڪي کان علاوه ميرپور ماٿيلي ۽ سرحد ۾  به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي،قومي شاهراهه تي ٽائر ساڙي  ٽن ڪلاڪن تائين بند ڪري ڇڏي جيڪا پوليس بعد ۾ کولرائي، ان دوران قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسي هزارين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. گهوٽڪي،ميرپور ماٿيلو ، سرحد، عادلپور، قادرپور، ماٿيلو مومل جي ماڙي سميت ٻين شهرن ۾ مختلف مذهبي تنظيمن جا ڪارڪن،سياسي سماجي ڌرين جا اڳواڻ ۽ شهري سراپا احتجاج بڻيل رهيا. هندو برادري  جي ڪاروباري مرڪز، مندرن ۽ محلن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومري چيو آهي ته پوليس جاچ شفاف انداز سان ڪري  ملزم تي ڏوهه ثابت ٿئي ته کيس ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وچي. هن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته شهر اندر مذهبي انتشار نه پکيڙيو وڃي ۽ هڪ جي ڪري ٻين کي نقصان ڏيڻ جي مذهب اجازت نٿو ڏئي ۽ پاڪستان جو آئين به ان حق ۾ ناهي. گهوٽڪي؛ مذهب توهين واري واقعي جي حوالي سان مرڪزي امير جماعت اهلسنت پاڪستان ۽ درگاهه ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين پيرعبدالخالق قادري جن چيو آهي ته گهوٽڪي ۾ گستاخي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت کان جاچ جو مطالبو ڪريون،هن چيو ته ان واقعي کي حڪومت تي ڇڏيو وڃي ۽ جاچ جي نگراني ڪئي وڃي جنهن ماڻهون مٿان الزام آهي ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اهو سزا جو مستحق هوندو ۽ هن هڪ ماڻهو جي ڪري سڄي هندو برادري کي سزا نٿي ڏئي سگهجي.

 هنن چيو ته هندو برادري جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جو انتشار نه پکيڙيو وڃي. جنهن بعد شهر ۾ ٺاپر ٿي آهي، رينجرز ۽ پوليس جوگشت جاري آهي.  هوڏانهن گھوٽڪي ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال تي مختلف سياسي, سماجي, ڪاروباري تنظيمن,شھري اتحادن ۽ سول سوسائٽي گھوٽڪي جو ھنگامي اجلاس ٿيو. جنھن ۾ رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ نوتن مل کي صلاح ڏني وئي ته هو رضاڪارانه طور گرفتري ڏئي بيگناهي ثابت ڪري. ڪاميٽي جنهن ۾ جي يو آءِ جا مقامي اڳواڻ مولوي غلام الرسول ڪلهوڙو  ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. جن هندو برادري کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي. جنهن  ۾ ايڊووڪيٽ لال بخش گھوٽو. استاد محبوب گھوٽو، ، ايڊووڪيٽ آصف ڌاريجو  ،  الھوسايو گھوٽو،  رئوف پارس دايو ، محمد اعظم چاچڙ، نور بخش بروھي، محمد حسن چاچڙ، امداد سنڌي، فقير علي نواز بھڻ، غلام نبي ڪورائي،  ملوڪ ڀٽو، من فقير گھوٽو،.ظفر علي گھوٽو ۽ زاھد حسين سنگھڙ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو