پراڻي تڪرار تان پاڻي تي ويل نوجوان هٿياربندن هٿان قتل

اوٻاوڙو (غلام علي رند) ڳوٺ بادل شر ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو پاڻي جي واري تي ويل نو جوان غلام محي الدين مٿان جوابدارن حملو ڪري گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع بعد ريتي پوليس موقعي تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏهرڪي سول اسپتال موڪلي ڇڏي. ان دوران فوتي جي وارثن ميڊيا کي دانهيندي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان پاڻي جي واري تي ويل هو جنهن مٿان جوابدارن خالد شر، ارشد شر ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن اسان جو مڙس ناحق قتل ڪري ظلم ڪيو آھي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪندي اها گهر ڪئي ته جوابدارن نوٽس وٺي جلد گرفتار ڪري اسانجي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او ريتي احسان مهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڇاپا هنيا پيا وڃن جوابدار جلد گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو