پاڻي جو عالمي ڏينهن،چئلينجن جي باوجود سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو تہ 22 مارچ تي پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن جي پيش رفت کي اجاگر ڪرڻ تي کيس فخر آهي، مختلف شھري چئلينجن جي باوجود، اسان جي ٽيم غير قانوني ڪنيڪشن کي روڪڻ، آمدني وڌائڻ ۽ ڊجيٽل جدت کي اپنائڻ ۾ بھترين ڪاڪردگي جو مظاھرو ڪري رھي آھي جڏهن تہ اسان پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي اڳتي وڌائيندي شهرين کي اثرائتي خدمتن ۽ استحڪام کي ترجيح ڏيون ٿا، اسان جو ڌيان غير رسمي آبادين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ تي آهي تاڪي پاڻي مان پيدا ٿيندڙ مختلف بيمارين کي گهٽائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان ترقي يافتہ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي مالي طور تي قابل عمل حل ڳولي رهيا آهيون، واٽر ڪارپوريشن هميشہ جديد پاڻي جي انتظام جي حل لاء وقف آھي ۽ ان سلسلي ۾ گذريل سال دوران واٽر ڪارپوريشن غير قانوني ڪنيڪشنز جي خاتمي ذريعي پنهنجي روينيو وصولي ۾ 35 سيڪڙو اضافو ڪيو ۽ غير قانوني ڪنيڪشن ختم ڪري روزانو 25 ملين گيلن پاڻي محفوظ ڪيو ويو آهي جيڪو شهرين ۾ منصفاڻي طور تي ورهايو پيو وڃي، ھن چيو اهي ڪاميابيون اسان جي ٽيم جي غير متزلزل وقف ۽ اسان مان هر هڪ جي اندر مثبت تبديلي کي اثر انداز ڪرڻ جي لامحدود صلاحيت جو ثبوت آهن، هن جو چوڻ هو تہ اسان پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بيٺا آهيون ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ اسان گڏجي پاڻي جي تحفظ ۽ وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ جو عزم ڪيون ۽ پاڻي جي تحفظ، ريسائڪلنگ ۽ ٻيهر استعمال ذريعي پنهنجي ميٽروپوليٽن کي امن لاءِ پاڻي ۾ تبديل ڪريون، تنھنڪري اسان توهان کي ان موقعي تي واٽر ڪارپوريشن سان هٿ ملائڻ جي دل جي گهرائي سان دعوت ڏيون ٿا، اچو تہ گڏجي پاڻي جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ۽ پاڻي جي حفاظت لاءِ هن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون جي طاقت کي استعمال ڪرڻ جو عزم ڪيون تہ جيئن واٽر ڪارپوريشن شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهي، ان کان علاوه ترجمان واٽر ڪارپوريشن چيو تہ پاڻي جو عالمي ڏينهن هر سال 22 مارچ تي ملهايو ويندو آهي تہ جيئن تازي پاڻي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ عالمي پاڻي جي بحران بابت آگاهي پيدا ڪري سگھجي، 1993ع کان وٺي ڪري هر سال گڏيل قومن پاران پاڻي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي تہ جيئن پيئڻ جي صاف پاڻي جي اهميت تي ڌيان ڏنو وڃي جيڪو پاڻي جي وسيلن جي پائيدار ترقي تي ڌيان ڏئي ٿو، پاڻي جو عالمي ڏينهن مقامي ۽ عالمي علائقائي پاڻي جي مسئلن بابت آگاهي وڌائڻ جو هڪ موقعو آهي تہ جيئن پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪري سگهجن ۽ ان جي ترقي کي فروغ ڏئي سگهجي، هن چيو تہ پاڻي بنيادي انساني حق آهي جيڪو سماج، معيشت ۽ ماحول لاءِ تمام ضروري آهي، ترجمان ٻڌايو تہ هميشہ وانگر واٽر ڪارپوريشن انتظاميا پاران پاڻي جي تحفظ، ريسائڪلنگ ۽ ٻيهر استعمال جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪراچي واٽر سمٽ ”واٽر فار پيس“ تحت پاڻي جو عالمي ڏينهن وڏي جذبي سان ملهائن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن انتظاميہ سول سوسائٽي، ملٽي نيشنل ۽ نيشنل اين جي اوز سميت مختلف ادارن خاص ڪري صحت ۽ تعليم واري کاتي کان توقع ڪري ٿي تہ پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڻي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاء مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ پاڻي جي تحفظ، ريسائڪلنگ ۽ ٻيهر استعمال جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار منعقد ڪيا وڃن تہ جيئن ايندڙ نسلون پاڻي جي اهميت ۽ ان جي فائدن کان واقف ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو