پاڪ ڀارت بارڊر فورسز پاران هڪٻئي کي مٺائي جا تحفا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ڀارت جي بارڊر فورسز ۾ لاهور ۽ راجستان بارڊر جي مختلف چيڪ پوسٽن تي ٻنهي هڪٻئي کي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي مٺائي پيش ڪري مبارڪباد ڏني. ٻنهي ملڪن جي بارڊر فورسز ۾ اها روايت رهي آهي ته خوشي جي موقعن تي هو هڪٻئي سان خيرسگالي طور تحفا به ڏيندا آهن. 2019 ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ بعد اهو سلسلو بند ٿيو ۽ گذريل سال ائين نه ڪيو ويو پر هن سال اها روايت بحال ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو