پاڪ فوج پاران قوم کي 79هين يومِ آزاديءَ جي مبارڪباد پيش

پاڪ فوج پاران قوم کي 79هين يومِ آزاديءَ جي مبارڪباد پيش

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جي مسلح افواج پاران پوري قوم کي ملڪ جي 79هين يومِ آزاديءَ جي مسرت موقعي تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي.پاڪ فوج جي شعبي تعلقاتِ عامه (آئي ايس پي آر) پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊيفينس فورسز فيلڊ مارشل، نيول چيف ۽ ايئر چيف پوري قوم کي 79هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون آهن.آئي ايس پي آر موجب مسلح افواج بانيِ پاڪستان قائدِ اعظم محمد علي جناح ۽ آزاديءَ لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي. بانيانِ پاڪستان جو وژن، حوصلي ۽ عزم اڄ به قوم لاءِ هدايت ۽ رهنمائيءَ جو مک ذريعو آهي، جنهن تي عمل ڪري پاڪستان جي نظرياتي ۽ اخلاقي قدرن جي پاسداري ڪري سگهجي ٿي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مسلح افواج پنهنجي شهيدن جي عظيم قربانيءَ، غازين، اڳوڻن فوجين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهليڪارن جي خدمات کي سلام پيش ڪري ٿي. شهيدن، غازين ۽ شهرين جي بي لوث خدمتن پاڪستان جي استقامت، دفاع ۽ سلامتيءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو