ايران پاران پاڪستاني حملي ۾ 7 ڄڻا مارجڻ جي تصديق

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي ارنا ايران ۾ حملن جي تصديق ڪئي آهي،ارنا موجب اڄ صبح انهن حملن ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا آهن.ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب مارجي ويل ايراني شهري نه هئا.ان حوالي سان ايران جي صوبي سيستان بلوچستان جي ڊپٽي گورنر علي رضا مرحمتي جو چوڻ آهي ته ساروان شهر جي ويجهو صبح 4 لڳي 5 منٽن تي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.ساروان شهر صوبي جي گاديءَ واري هنڌ زاهدان کان 347 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو