پاڪستان ۾ 7 هزار غير قانوني پيٽرول پمپ هلن پيا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ 7 هزار غير قانوني پيٽرول پمپ آهن. رپورٽ ۾ تيل ۽ گيس جي ريگوليٽري اداري اوگرا جي ڪارڪردگي تي سنگين سوال اٿاريا ويا آهن ۽ چيو ويو آهي ته هي ادارو ريگوليشن جي فرضن ۾ ڪوتاهي پيو ڪري. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني پيٽرول پمپ چوري ۽ اسمگل ٿيل تيل پنهنجي مرضي جي اگهن تي وڪرو ڪن ٿا. اوگرا انهن خلاف ڪا ڪاروائي نه پيو ڪري. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 25 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون آهن، انهن مان ڪيترن ئي ڪمپنين وٽ قانون ۾ مقرر ڪيل معيار موجب نه آئل ٽينڪر آهن ۽ نه ئي اسٽوريج جون سهولتون آهن. ڪيترن ڪمپنين گڏيل اسٽوريج جا ذريعا ڄاڻايا آهن، جيڪو به قانون جي خلاف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو